نيب ۽ اوگرا ايل اين جي اسڪينڊل تي ڇو خاموش آهن: شيري رحمان

ڪراچي: سينيٽ ۾ اپوزيشن جي گئس بحران تي بحث دوران حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪئي وئي، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته  ملڪ ۾ گئس جو سنگين بحران آهي، گئس جا اگهه به خوفناڪ حد تائين 300 سيڪڙو وڌايا ويا آهن: نيب ۽ اوگرا ايل اين جي اسڪينڊل تي ڇو خاموش آهن؟

شيري رحمان جو چوڻ ھو تھ حڪومت گرمين ۾ سستي ايل اين جي خريد نه ڪئي، هاڻي 30 ڊالرز مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ سان 10 کرب جو نقصان ٿيو آهي، نئين پاڪستان ۾ ماڻهو رڌ پچاءُ به نه ڪري سگهندا، سڄو ملڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي گئس کائي ويو، پر ٻنهي صوبن کي ڪجهه نه مليو، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ 52 سيڪڙو آبادي جي چُلهه ٿڌي ٿي رهي آهي، معيشت ۽ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس ڏيڻ سنڌ جو آئيني حق آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔