پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ فضل الرحمان وچ ۾ اھم ملاقات، پارليامينٽ ۾ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ پهريون ڀيرو اهم ملاقات، ملڪي سياسي صورتحال سوڌو ٻين اهم معاملن تي  صلاح مشورا جاري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو

 بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ اي وي ايم ۽ احتساب بابت قانونسازي تي گڏيل لائحه عمل سان ئي ڪاميابي ملي سگهي ٿي، پارليامينٽ ۾ گڏيل ڪردار سان حڪومتي پاليسين کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھ پارليامينٽ ۾ حڪومت کي تازو مليل ناڪاميون اپزيشن جي وڏي ڪاميابي آهي، ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان سان مخاطب ٿيندي بلاول ڀٽو چيو ته توهان بزرگ سياستدان آهيو، ٽن نسلن کان اسان جو رشتو آهي، ملاقات ۾ يوسف رضا گيلاني سوڌو پ پ ۽ جي يو آءِ جا اهم اڳواڻ به شريڪ آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔