سکر: صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي درخواست رد

سکر: صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت قتل ڪيس جي جوابدارن جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس سيشن ڪورٽ منتقلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي آھي

جوابدار ٽائون ڪاميٽي جي چئرمين عنايت شاهه ۽ اڳوڻي وائيس چئرمين احسان شاهه، ايس ايڇ او عاشق ميراڻي ۽ ٻين جوابدارن درخواست دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ داخل ڪرائي هئي، عدالت دهشتگردي وارا قلم برقرار رکندي ڪيس اي ٽي سي ۾ هلائڻ جو فيصلو ٻڌايو، صحافي اجي لالواڻي کي 17مارچ 2021ع ۾ قتل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔