قانون سازي وارو معاملو: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اپوزيشن اڳواڻ سان هڪ ٻيو رابطو

اسلام آباد: قانون سازي جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف سان هڪ ٻيو رابطو ڪيو آهي. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي باضابطه خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻ سان چونڊ اصلاحات بل سميت ٻين اهم قانون تي اتفاق راءِ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
اسپيڪر اسد قيصر خط ۾ اپوزيشن اڳواڻ کي يقين ڏياريو آهي ته اسپيڪر آفيس ان حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن کي ڳالهين جي لاءِ مڪمل سهوليت ڏيندي. اپوزيشن اڳواڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن پارلياماني ڪميٽي ان تي ٻيهر ڳالهيون ڪري. چونڊ ترميمي بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي چڪو آهي. پر سينيٽ مان منظور ناهي ٿيو. حڪومت هن بل کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چاهيون ٿا ته پارلياماني ڪميٽي بل تي ٻيهر ڳالهيون ڪري.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته قانون سازي جي حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جيڪا پنهنجون سفارشون ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي اليڪشن ترميمي بل جي معاملي ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو. شهباز شريف ان حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اسپيڪر آفيس حڪومت ۽ اپوزيشن سان هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔