پوليس کان مايوس ٿي ماڻهو هاڻي عدالتن ۾ به نٿا اچن: سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ شهري محمد جاويد سوڌو ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار ۽ سندن وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته ماڻهو پوليس کان مايوس ٿي چڪا آهن ان ڪري عدالت نٿا اچن، ماڻهن هاڻي معاملو الله تي ڇڏيو آهي، هر تاريخ تي عدالت کان به رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري وڃي ٿي، چون ٿا، فلاڻي اداري کي خط لکيو آهي رپورٽ ناهي آئي، چار چار سال گذري وڃن ٿا پر رپورٽ نٿي اچي

 ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گهرو ۽ دفاع وارن کاتن جي فوڪل پرسن کي طلب ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته گهرايون نٿا، هاڻي گهرو کاتي جي سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيون ٿا، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽس طلب ڪري ورتيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔