سنڌ 70 سيڪڙو نه، پر 38 سيڪڙو گئس سپلاءِ ڪري ٿو: حماد اظھر

اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان سنڌ مان نڪرندڙ گئس جو 80 سيڪڙو صوبي ۾ ئي استعمال ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ گئس بحران تي بحث دوران چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو نه، پر 38 سيڪڙو گئس سپلاءِ ڪري ٿو

وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ بلوچستان 40، ڪي پي 12 ۽ پنجاب 8 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو، 2019ع کان گئس جا اگهه نه وڌيا آهن، سڀ کان وڌيڪ گئس ذخيرن ۾ گهٽتائي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ به گئس خريد ڪندڙ صوبو بڻجي ويندو

ھن چيو تھ  ملڪ ۾ گئس بحران جو ايل اين جي سان ڪوبه واسطو نه آهي، ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان سستو ايل اين جي معاهدو پي ٽي آءِ حڪومت ڪيو، نواز ليگ جي حڪومت ۾ لڳايل ايل اين جي ٽرمينلز تي چار ڪروڙ رُپيا هڪ ڏينهن ۾ ادا ڪرڻا پوندا آهن، اسان جيڪي ٽرمينلز لڳائي رهيا آهيون، اُنهن جي مسواڙ نه ڏيڻي پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔