بلاول ڀٽو ۽ فضل الرحمان ۾ اڄ اھم ملاقات، پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ وڇوٽيون ختم ٿيڻ جا امڪان

ڪراچي: پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ وڇوٽيون ختم ٿيڻ جا امڪان آھن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي

 پارليامينٽ ۾ حڪومتي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪردار تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد پ پ ۽ پي ڊي ايم ۾ برف پِگهرڻ لڳي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔