سنڌ ۾ شگر ملز بند ڪرڻ واري فيصلي سان کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي: وزيراعظم کي آگاهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، احساس راشن، ڪامياب پاڪستان، ڪسان ڪارڊ ۽ ٻيا پروگرام غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ جاري ڪيا

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پرائس ڪنٽرول جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير حماد اظهر، فواد چوڌري، خسرو بختيار، فخر امام، فروغ نسيم، ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين، شهزاد اڪبر، شهباز گل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جڏهن ته ايف بي آر چيئرمين، چيف سيڪريٽري پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ کنڊ جي اسٽاڪ ۽ قيتمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آهي، سنڌ جي شگر ملز جي بندش واري فيصلي سان قيمتن ۾ اضافو ٿيو

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کنڊ جي مڪمل اسٽاڪ کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو ۽ 15 نومبر کان پوري ملڪ ۾ ڳني جي ڪرشنگ جو آغاز ڪيو ويندو، ان دوران ڪرشنگ قانون تي سختي سان عملدرآباد کي يقيني بڻايو ويندو

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان درآمدي شين تي انحصار ڪري ٿو ان جي ڪري مقامي مارڪيٽ تي اثر پون ٿا

وزيراعظم چيو آهي ته عوام جي سامهون حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن، بهتر آگاهي مهم هلائي وڃي جڏهن ته ذخيرون ڪندڙن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي جو احساس آهي ۽ سياست کان بالاتر ٿي ڪري عوام جي خدمت تي پورو ڌيان ڏئي رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔