ٽي ايل پي طرفان وزير آباد ۾ 11 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزير آباد ۾ 11 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، اعلان بعد ٽي ايل پي جا ڪارڪن سامان کڻي واپس ٿيڻ لڳا، پارڪ تان خيما به هٽائڻ جو سلسلو جاري آھي

ٽي ايل پي طرفان حڪومت سان ٿيل معاهدي جي روشني ۾ وزيرآباد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پير سيد سردار شاھ وزير آباد ۾ جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ مظاھرين واپس مسجد رحمت العالمين وڃن، اسان کي پرامن رھڻو آھي

ياد رھي تھ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي سبب گذريل ڏينھن چناب درياھ تي جي ٽي روڊ ھڪ روڊ ٽريفڪ جي لاءِ 15 ڏينھن بعد کوليو ويو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔