آخر ڪيستائين اسان وڏيرن جا ظلم سھندا رهنداسين: ام رباب

پکو؛ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ام رباب چانڊيو مقتولڻ فهميده سيال جي وارثن وٽ پھچي تعزيت ڪئي آهي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته مان ته شروع ۾ ئي چيو ھو ته عوام ھنن قاتل نمائيندن کي ووٽ نه ڏيئي، اڄ اھو ثابت ٿيو ته ھو ووٽ وٺي تڪ جي عوام جا قاتل بڻجن ٿا

هن چيو ته معصوم عورت فھميده سيال جي قتل ۾ به عوامي نمائيندي جو پيءُ ملوث آھي، جنھن غريب پاڙي ۾ رھندڙ سيال برادري جي ماڻھن سان قھر ڪيو آھي، مان پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان مرڪزي اڳواڻن کي گذارش ڪندس ته وحشتناڪ واقعي ۾ ملوث ايم پي اي گھنور اسراڻ خلاف صوبائي اسيمبلي ۾ رڪنيت ختم ڪرڻ لاءِ رٿ آڻيندس جنھن ۾ ساٿ ڏنو وڃي ته جيئن مظلوم نياڻي جي خون سان انصاف ٿي سگھي

رباب چانڊيو پريس ڪانفرنس دوران چيو ته سنڌ ۾ روز غريب ۽ اٻوجهه ماڻھن سان پيپلزپارٽي جا وڏيرا ظلم ڪري غريبن کي بيدردي سان قتل ڪري رهيا آهن، آخر ڪيستائين اسان وڏيرن جا ظلم سھندا رهنداسين

ام رباب جو وڌيڪ چيو ته آءُ پنھنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون سان انصاف لاءِ جدوجھد ڪري رهي آهيان، وڏيرن پاران مون کي ٿريٽ ڪيو ويو پوءِ به منهنجي جنگ وڏيرن جي خلاف جاري آهي، هاڻي سنڌ جا ماڻھو سڄاڳ ٿي چڪا آھن ۽ وڏيرن جو گھيرو تنگ ٿي چڪو آھي، اسان مقتول عورت جي وارثن سان هرموڙ تي گڏ آھيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔