ڪورونا جي چوٿين لهر وڌيڪ 19 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 580 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 19 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 496 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 75 هزار 158 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 580 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 40 هزار 678، سنڌ ۾ 4 لک 70 هزار978، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 78 هزار 319، بلوچستان ۾ 33 هزار 280، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 392، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 22 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 489 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 96 لک 6 هزار 900 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 901 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 24 هزار 95 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 247 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 19 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 496 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 936، سنڌ ۾ 7 هزار 579، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 757، اسلام آباد ۾ 941، بلوچستان ۾ 356، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 741 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔