ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت پيٽرول کان به وڌي وئي

اسلام آباد: حڪومت پاران مختلف قدم کڻڻ باوجود سموري ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان ۾ کنڊ جي قيمت پيٽرول کان به وڌي وئي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ کنڊ 150 روپيه في ڪلو تائين وڪرو ٿيڻ لڳي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول 138 روپيه 30 پئسا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي.
پشاور جي هول سيل مارڪيٽ ۾ في ڪلو گرام کنڊ جي قيمت ۾ 8 روپين جو اضافو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان صدر شوگر ڊيلرز ايسوسيئيشن چيو آهي ته هول سيل ۾ کنڊ 140 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته کنڊ جي ريٽيل قيمت 145 کان 150 روپيه في ڪلو تائين ٿي وئي آهي.
لاهور ۾ گذريل ڏينهن کنڊ جي قيمت 126 روپيه في ڪلو هئي ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته کنڊ جا ڊيلرز ناجائز منافعو ڪمائڻ جي لاءِ مصنوعي کوٽ پيدا ڪري کنڊ جون قيمتون وڌايون آهن. ڪراچي ۾ به کنڊ جي قيمت وڌي وئي آهي.
گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ کنڊ جي ايڪس ملز قيمت 130 روپيه ڪلو هئي. ٻن هفتن ۾ کنڊ جي ايڪس ملز قيمت 38 روپيه في ڪلو وڌي چڪي آهي. ايڪس ملز قيمت ۾ اضافي سان گڏ ئي هول سيل ۾ کنڊ جي قيمت 138 روپيه ڪلو ٿي وئي آهي ۽ ريٽيلز سطح تي کنڊ جي قيمت جو اضافو نئين خريداري تي منتقل ٿيندو.
ڪوئٽه ۾ به کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي ۽ شهر ۾ کنڊ 5 روپيه ڪلو اضافي کان پوءِ 124 مان وڌي 129 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔