يوٽلٽي اسٽورز تي به اگهه چوٽ، گيهه 39 ۽ کاڄرو تيل 33 رپيا في ڪلو مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد : يوٽيليٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 39 رپيا ۽ تيل جي في ڪلو پيڪٽ تي 33 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي مهانگائي جو نئون طوفان پيدا ٿي ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ آئل جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برانڊڊ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 38 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ 354 رپين وارو في ڪلو برانڊڊ گيهه جو پيڪيٽ 392 رپين ۾ ملي سگهندو،

اهڙي طرح تيل جي في ڪلو پيڪٽ جي قيمت 33 رپيا وڌائي وئي آهي جنهن کانپوءِ برانڊڊ آئل جي في ڪلو قيمت 355 مان وڌائي 388 رپيا ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب 5 ڪلو واري برانڊڊ گيهه جي ڊٻي جي قيمت ۾ 187 رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ پنج ڪلو واري گيهه جي قيمت 1795 مان وڌائي 1982 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته حڪومت صرف 17 ڏينهن اڳ ئي 15 آڪٽوبر تي مختلف برانڊز جي گيهه جي قيمتن ۾ 40 کان 1090 رپين جو اضافو ڪيو هو ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تي ملندڙ ڊالڊا گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 109 رپيا ۽ 10 ليٽر ڪين ۾ 1090 رپين وڌائي وئي هئي جنهن کان پوءِ ڊالڊا گيهه جو 10 ليٽر وارو ڪين 2500 روپين مان وڌي 3590 روپين جو ٿي ويو هو.

اهڙي طرح ميزان گيهه جي 10 ليٽر ٽين جي قيمت ۾ 475 روپين جو اضافو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ميزان گيهه جي 10 ليٽر ٽين جي قيمت 2885 مان وڌائي 3360 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي. يوٽيليٽي اسٽورز تي 5 ليٽر پلانٽا ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 463 رپين جو اضافو ڪيو ويو هو. جڏهن ته من پسند ڪوڪنگ آئل جي قيمت 465 رپين تائين وڌائي وئي هئي، جنهن کانپوءِ من پسند 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل ٽن جي قيمت 1245 مان وڌي 1710 رپيا ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔