ڀارتي ٽيم سيمي فائنل ۾ ڪيئن پهچي سگهي ٿي، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي پهرين ڪاميابي تي طنزيه ٽويٽ ڪيو آهي

فواد چوڌري هڪ ميم ٽويٽ ڪيو ۽ پنهنجي ٽويٽ ۾ هن ” ٽي ٽوئنٽي ميمز“ جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو

وفاقي وزير ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کي ٽرول ڪندي لکيو ته ڀارت هاڻي به سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو جيڪڏهن هو سيڪيورٽي خدشا ڄاڻائي نيوزيلينڊ کي جعلي اي ميل موڪلي ته جيئن نيوزيلينڊ سيريز ڇڏي واپس هلي وڃي

واضح رهي ته سيپٽمبر ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان ۾ پهرين ون ڊي ميچ ٿيڻ کان ڪجهه ئي پل اڳ سيڪيورٽي خدشي جو بهانو بڻائي پاڪستان کان سيريز ختم ڪري واپس هلي وئي هئي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔