وزيراعظم جو پيڪيج مذاق قرار،عمران خان جي استعيفا عوام لاءِ وڏو رليف آهي: اپوزيشن

ڪراچي: اپوزيشن وزيراعظم جي رليف پيڪيج کي مذاق قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، اپوزيشن چيو آهي ته وزيراعظم جو پيڪيج مذاق کانسواءِ ڪجهه ناهي، عوام لاءِ سڀ کان وڏو رليف عمران خان جي استعيفا هوندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارا ڪوڙا آهن، اهي رليف جي نالي تي تڪليف ڏيندا آهن. وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن سالن ۾ گيس جي قيمت ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري 30 سيڪڙو رليف مذاق آهي، عمران خان اڄ به پنهنجي ناڪامين جو ملبو گذريل حڪومتن تي وجهي رهيو آهي. هن چيو ته 30 سيڪڙو سبسڊي انتهائي گهٽ ۽ گهڻي دير سان ڏني وئي آهي، 20 ڪروڙ عوام تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته عوام کي لالي پاپ نه پر عمران خان کان حساب گهرجي، اڄوڪي تقرير جو نتيجو به گذريل تقريرن جيان ئي ڪجهه نه هوندو. نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام جي لاءِ سڀني کان وڏو ريليف پيڪيج عمران خان جي استعيفا آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جو ذميوار عمران خان آهي. جنهن جي پهرين ۽ آخري ترجيح ڪوڙ، ڌوڪو ۽ قوم جي زندگي عذاب بڻائڻ آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته بهتر آهي ته عمران خان قوم کي خطاب ڪري پنهنجي ڪوڙ ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري ان جي استعيفا عوام جي لاءِ سڀني کان وڏو ريليف پيڪيج آهي، جيڪو عوامي پريشانين ۾ گهٽتائي ۽ آسانيون آڻڻ جو سنگ ميل ثابت ٿيندو. نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو ته سبسڊي ڏيڻ جو مطلب اعتراف آهي ته حڪومت شين جي اگهن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي، مهانگائي جو وڏو سبب حڪومت جي نااهلي آهي، سبسڊي واري رقم ڇا حڪومت کيسي مان ڏيندي، اها عوام جي پيسي مان ئي ڏني ويندي.

حافظ حمد الله چيو ته عمران ڪووڊ 18 آهي، جيڪو اسان تي مڙهيل آهي، بنگلاديش، افغانستان، ڀارت کان وڌيڪ پاڪستان ۾ مهانگائي آهي، شازيه مري چيو ته تاريخي مهانگائي خلاف اپوزيشن جي احتجاج سبب وزيراعظم کي خطاب ڪرڻو آهي، عمران جو ڪوبه بهانو قبولڻ جوڳو ناهي، 68 سيڪڙو خاندان خوراڪ خريدڻ جي سگهه کان لاچار آهن، پ پاڳواڻ شير رحمان چيو ته  مهانگائي خطاب سان نه پر ڪارڪردگي سان گهٽ ٿيندي، 2 ڪروڙ نه پر 22 ڪروڙ عوام رليف جو منظر آهي، وزيراعظم جو رليف پيڪيج سمجهه کان ٻاهر آهي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم خطاب ۾ حقيقت جي مڪمل عڪاسي نه ڪئي، وزيراعظم مهانگائي جي ڀيٽ آمريڪا ۽ يورپ سان ڪري ٿو،

پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خطي جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي، حڪومت ٽن سالن ۾ مايوسيون ۽ محروميون ورهايون، جماعت اسلامي عوام جو ڪيس هر سطح تي وڙهندي، پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ۾ تيزي آندي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔