حماد اظهر بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: توانائي کاتي جي وزير حماد اظهر سياري جي موسم لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
توانائي واري وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت نومبر کان فيبروري جي مهيني لاءِ بجلي جون قيمتون گهٽ ڪندي ۽ اهو کنيل قدم سياري جي موسم ۾ گيس جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آهي.
حماد اظهر چيو ته صارفين جي لاءِ بجلي جي شرح ۾ 11.37 في يونٽ گهٽتائي ڪئي ويندي. ۽ ڪمرشل صارفين جي لاءِ ان شرح ۾ 11.98 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي.
توانائي واري وزير چيو ته عوام جي خدمتن لاءِ بجلي جو ٽيرف 7.94 في يونٽ استعمال ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪراچي ۾ آف پيڪ ريٽ 16.33 ۽ 22.95 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔