سنڌ ڪابينا جو اجلاس: ڪمند جو اگهه اڍائي سئو روپيا في مڻ مقرر

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪمند جو اگهه اڍائي سئو روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ ڪريشنگ سيزن 15 نومبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌ ڪابينا صوبي جي ڪاليجز ۾ پروفيسرز ۽ ليڪچررز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 7 مهينن جي انٽرنشپ تي پهرين مرحلي ۾ 15 سئو استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري به ڏني. ڪابينا پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گند مان بجلي ٺاهڻ واري توانائي پاليسي جي منظوري به ڏني وئي. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سعيد غني چيو ته قانون موجب ڪمند جي ڪريشنگ آڪٽوبر ۾ شروع ڪرڻي آهي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ائين نه پيو ٿئي، ڪابينا پاران ان تجويز تي به غور ڪيو ويو ته قانون ۾ ترميم ڪري ڪريشنگ سيزن جي تاريخ آئنده نومبر مقرر ڪئي وڃي ته جيئن قانون تي عملدرآمد ٿي سگهي

سعيد غني ٻڌايو ته سنڌ جي ڪاليجز ۾ ساڍا ٽي هزار پروفيسرز ۽ ليڪچررز جي کوٽ آهي ۽ ڪيترين ئي ڪاليجز ۾ انگلش ۽ ٻين سبجيڪٽس جا استاد موجود آهن. سنڌ ڪابينا ان کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ في الحال پهرين مرحلي ۾ 7 مهينن جي انٽرنشپ تي 15 سئو استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري به ڏني، انهن ڀرتين لاءِ ڪا ٽيسٽ نه ورتي ويندي، پر ڪواليفڪيشن کي نظر ۾ رکيو ويندو

صوبائي وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي اندر ڪچري مان بجلي ٺاهڻ واري نئين توانائي پاليسي جي منظوري به ڏني. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪراچي مان گند ڪچرو گڏ ڪري ان مان بجلي تيار ڪئي ويندي ۽ ان کانپوءِ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ هن منصوبي تي عمل ڪيو ويندو. امتياز شيخ چيو ته پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي اها پهرين ۽ انقلابي توانائي پاليسي آهي، جنهن تي سنڌ سرڪار عمل ڪرڻ پئي وڃي، ان سان صوبي ۾ صفائي سٿرائي به ٿيندي ۽ توانائي واري بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد به ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔