وڏي وزير جي حڪم تي ايم پي اي خلاف ڪيس داخل ٿيو: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي تي سخت ڏک پهتو آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير ان جو فوري نوٽيس وٺندي حڪم ڏنو ته مقتول جي وارثن جي خواهش مطابق ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي ۽ هو جنهن جي به خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. وڏي وزير جي هدايتن بعد پيپلزپارٽي جي هڪ سٽنگ ايم پي اي جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ڪراچي ۾ ميڊيا کي بريفنگ دوران ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي جي ايم پي اي خلاف ڪيس داخل ٿي ويو آهي پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته هو ڏوهاري آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. اپوزيشن وارا پيپلزپارٽي جي ايم پي اي کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جون فتوائون جاري پيا ڪن، جيڪا پڻ زيادتي آهي

صوبائي وزير چيو ته اسان مظلوم جي ڌر سان گڏ آهيون ۽ سنڌ سرڪار واقعي جي شفاف جاچ ڪرائيندي ۽ ان ۾ ڀلي ڪير به ملوث هجي ان خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي ۽ متاثرين کي انصاف ڏياريو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔