پنجاب ۾ ڄڃ روڪي گهوٽ کي وئڪسين لڳائي وئي

جهنگ: پنجاب حڪومت پاران ماڻهن کي گهر گهر وڃي وئڪسين لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي. جهنگ جي علائقي شاهه جيوڻا ۾ هڪ گهوٽ ڄڃ وٺي ڪنواريتن ڏانهن وڃي رهيو هو ته پنجاب جي صحت کاتي جي هڪ ٽيم سموري ڄڃ کي روڪي وئڪسينيشن ڪارڊ يا سرٽيڪيٽس ڏيکارڻ لاءِ چيو. هيلٿ ٽيم کي خبر پئي ته گهوٽ به وئڪسين نه ڪرائي آهي
گهوٽ ڄڃ سوڌو ڪنواريتن ڏانهن وڃڻ لاءِ گهران نڪري رهيو ته صحت کاتي جي ٽيم کيس روڪي ورتو ۽ ڪورونا کان بچاءَ واري وئڪسين لڳائڻ کانپوءِ کيس ڄڃ سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني. شاديءَ جي ڪاڄ ۾ شريڪ ڪيترن ئي ڄاڃين کي به وئڪسين لڳائي وئي. صحت کاتي پنجاب جو چوڻ آهي ته سئو سيڪڙو وئڪسينيشن جو هدف حاصل ٿيڻ تائين گهر گهر وڃي ماڻهن کي وئڪسين لڳائڻ واري مهم جاري رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔