خوراڪ کاتي جي گدامن مان 9 اربن جي هڪ لک 80 هزار ٽن ڪڻڪ گم ۽ خراب ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: خوراڪ کاتي جي گدامن مان 9 ارب رپين جي هڪ لک 80 هزار ٽن ڪڻڪ گم ۽ خراب ٿيڻ جو انڪشاف، کاتي جي اختيارين سنڌ حڪومت کي آگاهي ڏئي ڇڏي، ان حوالي مليل ڄاڻ موجب خوراڪ کاتي جي گدامن مان مختلف وقتن تي ڪڻڪ غائب ٿيڻ واري معاملي جي فزيڪل ويريفڪيشن ٿيڻ کانپوءِ 9 ارب رپين جي ڪڻڪ گم ۽ خراب ٿيڻ جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي،
رپورٽن موجب خوراڪ کاتي جي گدامن مان 8 ارب 15 ڪروڙن جي ماليت جي هڪ لک 63 هزار ٽن ڪڻڪ گم ۽ 85 ڪروڙن جي ماليت جي 17 هزار ٽن ڪڻڪ خراب ٿي آهي، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران سنڌ حڪومت کي به تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مٽياري مان 330 ٽن، ٺٽي ۾ هڪ هزار 228، دادو مان 2 هزار 33، لاڙڪاڻي مان 4 هزار 356، قمبر مان 3 هزار 444، شڪارپور مان 6 هزار 123، جيڪب آباد مان 68 ٽن ڪڻڪ سرڪاري گدامن مان غائب ٿي وئي آهي،
جڏهن ته ڪشمور مان 30 هزار 300 ٽن، نوشهروفيروز مان 40 هزار 735، سانگهڙ مان 9 هزار 881، سکر مان 30 هزار 659 خيرپور مان 29 هزار 379، گهوٽڪي مان 4 هزار 908 ٽن ڪڻڪ غائب ٿيل آهن، ذريعن موجب سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف ضلعن مجموعي طور تي هڪ لک 63 هزار ڪڻڪ گم ٿي وئي آهي، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 10 هزار 68 ٽن، ٺٽي ۾ 36، لاڙڪاڻي ۾ 400، قمبر ۾135، جيڪب آباد ۾368، ڪشمور ۾200، نوشهري فيروز ۾ 3 هزار 930، خيرپور ۾ هڪ هزار 946 ٽن ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔