ترڪي ۾ ڪيلا کائڻ تي 7 شامي پناهگيرن کي نيڪالي

ترڪي ۾ ڪيلا کائڻ تي 7 شامي پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ شامي پناهگير 10 کان وڌيڪ ڪيلا کائڻ جي وڊيو شيئر ڪئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ترڪ شهرين پاران پڻ سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
شهرين جو چوڻ آهي ته اسان هڪ ڪيلو کائي نٿا سگهون ۽ پناهگيردرجنين ڪيلا پيا کائين، ترڪ شهرين جي سخت تنقيد بعد انتظاميا پڻ حرڪت ۾ اچي وئي، پوليس ڪيلا کائڻ جي وڊيو شيئرڪندڙ 7 شامي پناهگيرن کي گرفتار ڪري ورتو. حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل شامي پناهگيرن کي واپس پنهنجي وطن شام موڪليو پيو وڃي ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔