عائزا خان جون اڇي رنگ پهريل لباس جون تصويرون وائرل

اداڪارا عائزا خان جون اڇي رنگ پهريل لباس جون تصويرون وائرل ٿي ويون. تفصيل موجب اداڪارا عائزا خان انسٽاگرام تي پنهنجون نيون تصويرون شيئر ڪيون جيڪي وائرل ٿي ويون. انهن تصويرن ۾ عائزا خان کي اڇي رنگ وارو لباس پهريل آهي جنهن ۾ هو انتهائي خوبصورت لڳي رهي آهي.
تصويرون وائرل ٿيڻ بعد مداحن پاران عائزا خان جي لباس جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رهيا آهن. واضح رهي ته اداڪارا عائزا خان ڪجهه عرصي کان شادي جي مختلف برانڊز سان ڪم ڪري رهي آهي جنهن جون تصويرون هو اڪثر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔