ڪراچي جو سامونڊي ڪنارو گندگي جي ڍير ۾ تبديل، سرنجن ۽ شيشن سبب آبي جيوت متاثر

ڪراچي: ڪراچي جو سامونڊي ڪنارو تفريح بدران گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، سڄي شهر جي اسپتالن جو گند سامونڊي ڪناري تي ڦٽو ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. سرنجون، شيشا ۽ ميڊيڪل لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيو مواد ري سائيڪل ڪرڻ بدران ابراهيم حيدري ۽ چشما ڳوٺ جي وچ واري سامونڊي پٽي ۾ اڇلائي آبي جيوت ۽ انسانن، ٻنهي جي زندگي خطري ۾ وجهڻ جو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي.

ان ڏس ۾ مقامي ماڻهن  پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سول اسپتال، جناح اسپتال، انڊس، چنيوٽ، ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي، اين ايم سي سميت مختلف اسپتالن جو گند فجر جو چار وڳي ڌاري گاڏين ۾ وجهي سامونڊي ڪناري تي ڦٽو ڪيو ويندو آهي، سامونڊي پٽي ۾ ٽنن جي حساب سان استعمال ٿيل سرنجون  شيشو ۽ ٻيو گند پيل آهي، ڪي ايم سي، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ وارا هٿ سان سامونڊي ڪناري کي خراب ڪري تفريح ماڳ کي ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ڪري رهيا آهن.

هنن ٻڌايو ته ابراهيم حيدري ۽ چشمه ڳوٺ جي سامونڊي پٽي جو ڪو رهواسي انهي مسئلي تي ڳالهائي ٿو ته  مقامي چونڊيل نمائندا توڙي بااثر وڏيرا اُنهي  کي لڏائي ٿا ڇڏين. مهاڻن جو چوڻ هو ته پلاسٽڪ، شيشو ۽ ٻيو زهريلو مواد سمنڊ ۾ اڇلائي آبي جيوت کي ختم ڪيو پيو وڃي، سمنڊ ڪناري اڇلايل سرنجن، بوتلن ۽ ٻئي مواد ۾ دوائون موجود هُجن ٿيون، جيڪي پاڻي ۾ ملڻ سان جيڪا مڇي مري ٿي ۽ اها ئي مڇي فيڊ ( خوراڪ) طور ڪڪڙين کي ڏني ويندي آهي،

مختلف فارمز  ۾ مڇيون ۽ ڪڪڙيون اها فيڊ کائي تيار ٿين ٿيون، ڪراچي واسي وري اها مڇي ۽ ڪڪڙيون واپرائين  ٿا، انهن ڪڪڙين ۽ مڇين  موجود زهر ڪيترن ئي بيمارين جو سبب بڻجي رهيو آهي، اسان جي دانهن ڪير ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔