ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچڻ لڳي، هڪ ڏينهن دوران 10 مريض فوت

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 10 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 439 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 72 هزار 345 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 658 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 40 هزار 3، سنڌ ۾ 4 لک 475، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 77 هزار 889، بلوچستان ۾ 33 هزار 244، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 390، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 874 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 470 ڪيسز رپورٽ ٿيا.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 7 لک 50 هزار 978 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار 690 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 20 هزار 941 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 364 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 10 ڄڻا فوت ٿيا جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 439 ٿي ويو. پنجاب ۾ 12 هزار 915، سنڌ ۾ 7 هزار 563، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 740، اسلام آباد ۾ 939، بلوچستان ۾ 356، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔