جان محمد جمالي بنا مقابلي بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو

ڪوئيٽا: مير جان محمد جمالي بنا مقابلي بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جي خالي سيٽ جي لاءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر مير جان محمد جمالي کي نامزد ڪيو هو جيڪو بنا مقابلي چونڊجي ويو آهي.
ان حوالي سان سيڪريٽري اسيمبلي چيو آهي ته مير جان محمد جمالي جي بطور اسپيڪر ڪاميابي جو اعلان اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي ڪيو ويندو. مير جان محمد جمالي صوبي جي سينئر سياستدانن مان هڪ آهي. هو 1998ع ۾ بلوچستان جي وڏي وزير جي عهدي تي به رهي چڪو آهي. جڏهن ته 2006 ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جا فرض به ادا ڪري چڪو آهي مير جان محمد جمالي 2013 ۾ بلوچستان اسيمبلي جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر واري سيٽ عبدالقدوس بزنجو جي استعيفيٰ کان پوءِ خالي ٿي هئي.
عبدالقدوس بزنجو گذريل ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير طور حلف کنيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔