اسان جا منجمد اثاثا بحال ٿي وڃن ته ڪنهن ٻئي امداد جي ضرورت نه پوندي: طالبان

ڪابل: امارت اسلاميه افغانستان پنهنجي مرڪزي بينڪ جي اربين ڊالرن وارن ذخيرن جي بحالي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آفت سٽيل ملڪ کي روڪ رقم جي کوٽ، غذائي کوٽ ۽ لڏ پلاڻ جي بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين افغانستان جا 10 ارب ڊالر وارا منجمد اثاثا فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان جي مرڪزي بينڪ جي منجمد اثاثن کي بحال ڪيو وڃي ته اسان کي ڪنهن به ٻئي مالي امداد جي ضرورت نه پوندي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ سهيل شاهين چيو ته سياري جي موسم ۾ افغان شهرين کي انساني همدردي جي بنياد تي مالي امداد جي ضرورت آهي ان لاءِ جي 20 اجلاس ۾ منظور ڪيل هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فوري طور تي ملڻ گهرجي. ٻئي طرف ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت خاص طور تي عورتن جي تعليم جي انساني حقن جي احترام جو يقين ڏياريندي وڌيڪ مالي امداد گهري آهي.
واضح رهي ته افغانستان جا مرڪزي بينڪ(يو ايس فيڊرل ريزرو) ۽ يورپ جي ٻين مرڪزي بينڪن ۾ اربين ڊالرن جا اثاثا رکيل آهن. پر آگسٽ جي مهيني ۾ طالبان طرفان افغانستان ۾ حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ اها رقم منجمد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔