پهرين نومبر کان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جو امڪان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پهرين نومبر کان هڪ دفعو ٻيهر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين نومبر تي پيٽرول ساڍا 6 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپين تائين واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ جا سبب 26 آڪٽوبر تائين ڊالر ۽ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان جي مشوري کان پوءِ ڪندي.
واضح رهي ته حڪومت 15 آڪٽوبر تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 روپين تائين واڌ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔