منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان کي آزادي ملي وئي

ڪراچي: منشيات ڪيس ۾ گرفتار بالي ووڊ سپر اسٽار شاه رخ خان جي پٽ آريان خان کي تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ جيل مان آزادي ملي وئي

ٻه ڏينهن اڳ ممبئي هاءِ ڪورٽ آريان خان جي ضمانت منظور ڪئي هئي، پر ضمانت جي طريقيڪار ۾ دير ٿيڻ سبب آريان کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جيل ۾ گذارڻو پيو

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت مان آزادي جي حڪم نامي جي ڪاپي مقرر وقت تي جيل نه پهچائڻ جي ڪري آريان جي آزادي عمل ۾ نه اچي سگهي هئي، پر هاڻي قانوني گهرجون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آريان خان کي ممبئي جي آرٿر روڊ جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي، آزادي جي وقت آريان اڇي رنگ جي شرٽ ۽ بيلو رنگ جو ڪوٽ پاتل هو

ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان کي جيل مان شاه رخ جان جي باڊي گارڊ روي گاڏي ۾ کڻي روانو ٿي ويو، آريان خان جيل مان سڌو پنهنجي گهر منت ويندو

آريان خان جي آزادي جي موقعي تي آرٿر روڊ جيل جي ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، آريان جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڪنگ خان جا چاهڻ وارا وڏي تعداد ۾ موجود هئا

واضح رهي ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي سمنڊ ڪناري تي ڪروز شپ تي ڇاپو هڻي منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ آريان خان ۽ ٻين ماڻهن کي حراست ۾ ورتو هو

آريان خان منشِيات ڪيس ۾ 8 آڪٽوبر کان جيل ۾ هو ۽ ٻه ڏينهن هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض هن جي ضمانت منظور ڪئي وئي هئي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔