مڪئي جي داڻن ۾ موجود غذائيت انتهائي صحت بخش قرار ڏني ويندي آهي.
ان حوالي سان ماهرن چيو آهي ته مڪئي سنگن جي استعمال سان صحت جا ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا جن کي نظر انداز ڪرڻ بيوقوفي هوندي.
مڪئي جي داڻن ۾ موجود وٽامن بي1 ۽ بي5 توانائي فراهم ڪرڻ سان گڏ پٺن جا نوان سيل ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
فائدا.
مڪئي ۾ وٽامن سي موجود هوندي آهي جيڪا اڻڳڻ بيمارين سان مقابلي جي صلاحيت رکندي آهي ۽ مدافعتي قوت کي وڌائيندي آهي.
ان ۾ موجود وٽامن فائبر جسم جي توانائي بحال ڪندو آهي، ڪوليسٽرول جي سطح برقرار رکندو آهي ۽ هاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي درست رکندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ قبضي جي شڪايت مان مڪمل ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي.
مڪئي ۾ صحت لاءِ ڪيترائي فائدا آهن ان ۾ ڪيترائي وٽامنز هوندا آهن، اهي جسم کي ضروري معدنيات جهڙوڪ زنڪ، ميگنيشيم، آئرن، مينگيج وغيره به فراهم ڪندي آهي.
جن ماڻهن کي ذيابطيس مطلب شگر يا بلڊ پريشر جو مسئلو آهي انهن کي مڪئي لازمي طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي.
ڊائٽنگ ڪرڻ واري ماڻهن لاءِ به پاپ ڪارن بهترين چونڊ آهي، ڇو ته فائبر ۽ منرلز سان ڀرپور بهترين غذا آهي جنهن جي استعمال سان گهڻي دير تائين بُک محسوس ناهي ٿيندي.
استعمال
مڪئي کي ڪارن سوپ، سلاد، ٻوڙ ۽ ٻين غذائن ۾ پچائي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
مڪئي کي گرمين جي موسم ۾ سڌي ريت ڀُڃي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.