10 ملڪن جي سفيرن کي ملڪ مان ڪڍڻ واري وارننگ واپس

استنبول: ترڪ صدر طيب ادرگان 10 ملڪن جي سفيرن کي ملڪ مان ڪڍڻ واري وارننگ واپس وٺي ڇڏي.
طيب اردگان چيو ته 10 ملڪن جي سفيرن کي سبق ملي ويو ۽ هاڻي اهي محتاط رهندا.
ترڪ صدر جو چوڻ آهي ته اسان جو مقصد بحران پيدا ڪرڻ ناهي پر پنهنجي عزت، فخر ۽ خودمختار جو تحفظ ڪرڻ آهي، ان ملڪن جي بيانن مان لڳي ٿو ته اهي اسانجي ملڪ خلاف بهتان بازي کان پوئتي هٽي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب صدر اهڙي وارننگ 10 ملڪن جي بيانن کانپوءِ واپس وٺي ڇڏي.
آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن هڪجهڙا بيان جاري ڪيا هئا جن ۾ چيو ويو هو ته يو اين ڪنوينشن جو احترام ڪيون ٿا جنهن ۾ سفارتڪارن کي ميزبان ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔