عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر، ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به واڌ ٿي وئي

لاهور : ملڪ ۾ مهانگائي سٽيل عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر سامهون اچي وئي ۽ پاڪستان ريلوي به ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ريلوي ترجمان موجب مال بردار ٽرينن جي ڀاڙي ۾ 5 سيڪڙو، جڏهن ته مسافر ٽرينن جي ڀاڙي ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀاڙن ۾ واڌ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن 15 سيڪڙو ڪرايو وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي.
ترجمان موجب ريلوي واري وزارت مسافرن تي گهٽ بار رکڻ لاءِ ڪراين ۾ گهٽ واڌ ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔