سلمان خان جي مداحن لاءِ خوشخبري

ممبئي: باليووڊ جي ناليواري اداڪار سلمان خان پنهنجي مداحن کي نئين فلم ”انتم“ جي رليز ٿيڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري خوشخبري ٻڌائي آهي.
سلمان خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي فلم انتم جو ٽريلر جاري ڪيو آهي، فلم جي ٽريلر ۾ سلمان خان خاڪي وردي ۾ ايڪشن ۾ نظر اچي رهيو آهي.
هن فلم جو ٽريلر شيئر ڪندي لکيو آهي هاڻي انتم جو ٽريلر جاري ٿيو آهي، فلم توهان جي ويجهي سينيما گهرن ۾ 26 نومبر تي رليز ٿيندي.
واضح رهي ته اداڪار سلمان خان ۽ ادڪار آيوش شرما پهريون ڀيرو اسڪرين تي مهيش منجريڪر جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ گڏ نظر اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔