بلوچستان ۾ سياسي اُٿل پُٿل بعد پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون زور وٺي ويون

ڪراچي: بلوچستان ۾ سياسي اُٿل پُٿل بعد پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون زور وٺي ويون، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪيرائڻ وفاقي سرڪار کي ڪيرائڻ برابر هوندو آهي، عثمان بزدار ويندو ته نواز ليگ حڪومت نه ٺاهيندي، اهو سياسي طور غلط هوندو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڊاهي پنهنجي حڪومت ٺاهيون، عثمان بزدار جي وڃڻ بعد شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن جو مطالبو ڪنداسين

 پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته شوڪاز نوٽيس ڏيندڙ جماعتن بلوچستان ۾ بي اعتمادي رٿ تي باپ جي سپورٽ ڪئي، سڀاڻي حڪومت ٺاهڻ ۾ به اُهي جماعتون باپ جي سپورٽ ڪنديون، ڏسون ٿا اُنهن پارٽيز کي ڪڏهن شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويندا، پارليامينٽ ۾ اپوزيشن پارٽيز جو رابطو جاري آهي، عوام موجوده حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، اپوزيشن پارٽيز متحد ٿيون ته حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔