پي ٽي آءِ پاران يار محمد رند کي وڏي وزير طور اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف بلوچستان جي پارلياماني ڪميٽي پاران سردار يار محمد رند کي وڏي وزير طور اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف بلوچستان جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سردار يار محمد رند جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرز مير نعمت زهري، عمر خان جمالي، ڊپٽي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل، مبين خلجي ۽ فريده رند شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ صوبي جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته اتحادي جماعتن سان رابطي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي به ٺاهي وئي

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ماضي ۾ اتحادي جماعت کي ايوان جي اڳواڻ، اسپيڪر ۽ ڪيترائي ڀيرا سينيٽ ۾ ووٽ ڏئي چڪي آهي، اجلاس ۾ گڏيل طور تي سردار يار محمد رند کي وزيراعليٰ ۽ سردار بابر موسيٰ خيل کي اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔