سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي سمورن ڊي سيز کي حدخلين خلاف ڀرپور آپريشن جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي سمورن ڊي سيز کي حدخلين خلاف ڀرپور آپريشن ۽ سيشن عدالتن ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن بابت ڪيسز جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران روينيو بورڊ جي ميمبر چيو ته حددخلين خلاف ڪارروائي لاءِ ڊي سي کي شڪايت ڪندڙ بڻائڻو هوندو آهي، عدالتن جي ڪري ڊي سيز شڪايت ڪندڙ ٿيڻ کان لنوائين ٿا

 روينيو بورڊ طرفان 95 سيڪڙو زمينني کاتا ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، زميني کاتن ۾ 5 لک انٽريز شڪي قرار ۽ 237 انٽريز بلاڪ، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته رپورٽ ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ڪيتري زمين تي قبضو آهي، ڪراچي ڊويزن ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، شڪي انٽريز تصديق لاءِ لاڳاپيل ڊي سيز ڏانهن اُماڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔