چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان الزام: اعظم سواتي کي جواب ڏيڻ لاءِ پندرنهن ڏينهن جي مهلت

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن ريلوي واري وزير اعظم خان سواتي کي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان الزامن تي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏين لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن شاهه محمد جتوئي ۽ نثار دراني تي ٻڌل 2 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان اعظم سواتي جي الزامن واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. ريلوي وارو وزير اعظم سواتي ذاتي طور تي پيش ٿيو. وفاقي وزير اعظم سواتي جي وڪيل اليڪشن ڪميشن کان استدعا ڪئي ته بيرسٽر علي ظفر اسلام آباد ۾ موجود نه آهي هو اعظم سواتي طرفان جواب داخل ڪرائيندو.
شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي. جنهن تي اليڪشن ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته هڪ مهينو وڌيڪ آهي. 15 ڏينهن جي اندر شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيو. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعظم سان سواتي چيو ته خوشي آهي ته مان ڪنهن چوري يا ڌاڙي جي الزام ۾ پيش ناهيان ٿي رهيو. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. اليڪشن ڪميشن جي پاسداري لاءِ هتي پيش ٿيو آهيان. منهنجي پيشي سان اليڪشن ڪميشن جو وقار مضبوط ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔