ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان اڄ رات ستين وڳي نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندو

لاهور: ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو ٻيو مقابلو اڄ نيوزيلينڊ سان ٿيندو. دبئي جي ميدان ۾ رات جو 7 وڳي ٻئي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ هڪ ٻيو وڏو دنگل، ٽي 20 ورلڊ ڪپ گروپ 2 جون وڏيون ٽيمون پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ آمهون سامهون ٿينديون.
ميچ رات جو 7 وڳي شروع ٿيندو. ٻنهي ٽيمن پريڪٽس مڪمل ڪري ورتي. قومي ٽيم طرفان کٽڻ جي ارادري سان ميدان ۾ لهڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم ٻيهر جوهر ڏيکاريندو ساڻس گڏ محمد رضوان به جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار. آهي.
واضح رهي ته هينئر تائين ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان کي برتري حاصل آهي. 24 مان 14 ميچ پاڪستان کٽيا آهن جڏهن ته 10 ۾ نيوزيلينڊ کي فتح ملي آهي. 20 اوورن جي ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ پنج ڀيرا ٻئي ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. پاڪستان کي 3 جڏهن ته نيوزيلينڊ کي 2 ڪاميابيون مليون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔