ڪراچي جي ڪمشنر نصلا ٽاورڪيرائڻ لاءِ ادارن کي خط لکي ڇڏيو،گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نصلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ بلاسٽنگ ذريعي ڪيرائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي ايف ڊبليو ۽ ڊي جي ايس بي سي اي کي خط لکي ڇڏيو جڏهن ته سوئي سدرن طرفان عمارت جا گئس ڪنيڪشن به ڪاٽا ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي ڪمشنر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 7 ڏينهن ۾ فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
نصلا ٽاور جي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن ۾ ايف ڊبليو او انتظاميه جي مدد ڪري ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ 2 ڏينهن ۾ ٽيڪنيڪي ۽ سيسمڪ سروي مڪمل ڪري آگاهه ڪيو وڃي. ان کان علاوه ڪمشنر ڪراچي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به تعاون جي لاءِ خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 7 ڏينهن ۾ نصلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن جي ذريعي ڪيرائڻو آهي ۽ عدالتي حڪم آهي ته ٻن ڏينهن ۾ ٽيڪنيڪي سروي مڪمل ڪري رپورٽ ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي.
ڪمشنر ڪراچي نصلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن جي معاملي تي لاڳاپيل ادارن جي سربراهن سان صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ اجلاس اڄ شام جو ٿيندو. اجلاس ۾ ايف ڊبليو او، اين ايل سي، انجنيئرنگ فائيو ڪور، ڪراچي پوليس چيف، وائس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي، ايم ڊي سولڊ ويسٽ، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ۽ لاڳاپيل ضلعي انتظاميه کي گهرايو ويو آهي.
ٻئي طرف عدالتي حڪم تي سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ملازمن نصلا ٽاور جي گئس لائن ڪاٽي ڇڏي آهي جنهن تي عمارت جي رهواسين طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔