”ناليوارو اداڪار حڪومت خلاف سائيڪل تي نڪري پيو“

ڪراچي: ناليوارو اداڪار ايوب کوسو حڪومت ۽ مهانگائي خلاف سائيڪل تي احتجاج ڪيو.
ايوب کوسي ڪراچي ۾ سائيڪل هلائي مهانگائي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪيو.
ان حوالي سان ايوب کوسي جو چوڻ هو ته غريب ماڻهو انتهائي ڏکين حالتن مان گذري رهيا آهن ۽ غريب شهرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔