واٽس ايپ اسٽيٽس جي شوقينن لاءِ سُٺي خبر

عالمي سطح تي مشهور ميسيجنگ ايپ اسٽيٽس اپ ڊيٽ جي طور تي هڪ نئون فيچر ”UNDO“ متعارف ڪرايو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب واٽس ايپ جو نئون فيچر UNDO گوگل پلي بيٽاگرام جي ذريعي پيش ڪيو ويو آهي.
اهڙي فيچر جي ذريعي واٽس ايپ جي ڪنهن به واهپيدار لاءِ واٽس ايپ اسٽيٽس کي ڊليٽ ڪرڻ وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
هن وقت تائين واهپيدار اسٽيٽس ڊليٽ ته ڪري سگهندا آهن پر هاڻي انهن کي نئين فيچر سان اسٽيٽس ڊليٽ ڪرڻ جي سهولت موجود هوندي جنهن سان وڌيڪ سولائي ٿي ويندي.
اسٽيٽس ڊليٽ ڪرڻ جي لاءِ هاڻي واهپيدارن کي ڊليشن پروسيس مان گذرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ اهڙي اپ ڊيٽ جو واهپيدار کي اطلاع ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔