”پاڪستان جي ڪاميابي تي جشن ملهائيندڙ ڪشميرين جي قتل جا نعرا مذمت جوڳا آهن“

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه محبوبا مفتي سومر تي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي خوشي ملهائيندڙ ڪشميري عوام کي قتل ڪرڻ واري نعرن جي مذمت ڪئي آهي.
پنهنجي ٽوئيٽر تي محبوبا مفتي سوال ڪيو ته پاڪستان جي ڪاميابي تي ڪشميرين طرفان خوشي ملهائڻ تي ايتري ڪاوڙ ڇو؟
هن چيو ته انهن کي وسارڻ نه گهرجي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي رد ٿيڻ تي ڪيترن ماڻهن خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ مٺايون ورهايون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔