سچن ٽنڊولڪر به محمد شامي جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر به محمد شامي جي حق ۾ اچي ويو آهي.
سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته جڏهن اسان ڀارتي ٽيم کي سپورٽ ڪندا آهيون ته اسان ٽيم جي هر رانديگر کي سپورٽ ڪندا آهيون.
لٽل ماسٽر محمد شامي جي حمايت ڪندي چيو ته محمد شامي دنيا جي بهترين بالرن مان هڪ آهي، گذريل ڏينهن محمد شامي جي لاءِ سُٺو ڏينهن نه هو جيڪو ڪنهن به رانديگر جي ڪيريئر ۾ اچي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته مان محمد شامي ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ بيٺو آهيان.
ياد رهي ته گذريل ميچ ۾ ڀارت جي شڪست تي ڀارتي انتهاپسند مسلمان بالر محمد شامي تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن جنهن تي مختلف شخصيتن طرفان حمايت به ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔