پهرين نومبر کان وري پيٽرول اگهن ۾ وڏي واڌ جا امڪان

رپئي جي اگهه ۾ لاٿ ۽ تيل اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ پهرين نومبر کان پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جا امڪان آهن.
آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جي ذريعن چيو آهي ته پهرين نومبر کان پيٽرول اگهن ۾ 7 رپين تائين واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي.
انڊسٽري ذريعن موجب ڊيزل اگهن ۾ 9 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو خدشو آهي، ايندڙ 5 ڏينهن امپورٽ ٿيندڙ تيل جي اگهن ۾ لاها چاڙها حتمي قيمت بابت خبر ڏيندا.
واضح رهي ته حڪومت هر 15 ڏينهن کانپوءِ تيل جي اگهن جي جاچ ڪندي آهي، 16 آڪٽوبر تي پيٽرول قيمتن ۾ 12 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔