عمران خان کي وقت ڏيو هو جادوگر ناهي: مهوش حيات

مهوش حيات چيو آهي ته لڳي ٿو 50 سيڪڙو پاڪستاني ماڻهو پنهنجو وڌيل پيٽ لڳائڻ جي لاءِ شلوار قميص پائيندا آهن.خانگي پروگرام ۾ اداڪارا مهوش حيات دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته کيس اڄڪلهه سُٺا اسڪرپٽ نٿا ملن ۽ هوءَ روئڻ پٽڻ واري اسڪرپٽ تي ڪم ڪرڻ نٿي چاهي جڏهن ته فلم ”لنڊن نهين جائونگا“ تي ڪم هلي رهيو آهي.
مهوش حيات ملڪ جي عوام کي وزيراعظم عمران خان کي اڃا وقت ڏيڻ جي اپيل به ڪئي.هن چيو ته عمران خان کي خراب حالتن ۾ پاڪستان مليو هو ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ به وقت لڳندو.اداڪارا جو چوڻ هو ته عمران خان وٽ ڪا جادوئي لٺ ناهي ته ان کي ڦيرائڻ سان ئي سڀ ڪجهه صحيح ٿي وڃي نئون پاڪستان اڃا ٺهڻ واري عمل ۾ آهي.ان سان گڏ اداڪارا مهوش حيات پروگرام جي سيگمينٽ 500 جي ڊوڙ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر انضمام الحق کي شڪست ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔