منهنجي زال کي مرد ڪورونا ويڪسين ڇو لڳائي؟ مڇريل شخص ايراني گورنر کي چماٽ وهائي ڪڍي

ايران جي صوبي آذربائيجان جي نئين گورنر عابدين خرم کي هڪ مڇريل شخص اسٽيج تي چماٽ وهائي ڪڍي.
اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن نئين گورنر تبريز شهر جي امام خميني مسجد ۾ جاري هڪ پروگرام ۾ تقرير جي لاءِ اسٽيج تي پهتو. 23 آڪٽوبر تي پيش ايندڙ ان واقعي جي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نئين گورنر عابدين خرم جي اسٽيج تي پهچڻ کان ڪجهه دير کان پوءِ هڪ نامعلوم شخص اسٽيج تي آيو ۽ بنا ڪنهن وارننگ جي گورنر کي چماٽ وهائي ڪڍي. ان کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز حملي آور کي پڪڙي ورتو ۽ ان کي دروازي کان ٻاهر کڻي ويا.
ايران جي نيم سرڪاري خبر ايجنسي موجب حملي آور جو نالو ايوب علي زاده آهي ۽ هو ايران جي فوج جو اهلڪار آهي. سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي گورنر ٻڌايو ته مان حملي آور کي ذاتي طور تي نٿو سڃاڻان.
مذڪوره ٽي وي ان حوالي سان چيو آهي ته حملي آور پوليس کي ٻڌايو آهي ته مون کي ان ڳالهه جي ڪاوڙ هئي ته منهنجي زال کي ڪورونا ويڪسين سينٽر ۾ هڪ عورت جي بجاءِ مرد ويڪسين ڇو لڳائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔