شاهه رخ خان کان پوءِ گوري به آريان سان ملڻ جيل پهچي وئي

ممبئي: شاهه رخ جي زال گوري خان به منشيات ڪيس ۾ گرفتار پٽ آريان خان سان ملڻ لاءِ ممبئي جي آرتهرڊ جيل پهچي وئي. گذريل هفتي شاهه رخ به جيل ۾ موجود پٽ آريان سان ملاقات جي لاءِ پهتو هو جتي هن تقريبن 18 منٽ پٽ سان ملاقات ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو هو ته آريان والد سان جيل ۾ ملاقات جي دوران روئي ڏنو هو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گوري خان به سومر جي ڏينهن پٽ آريان سان جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب گوري خان جي جيل اچڻ جي موقعي تي جيل جي ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
ڀارتي ميڊيا ۾ گوري جي آريان سان ملاقات جا وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا. واضح رهي ته اين سي بي 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي سمنڊ تي هڪ ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي تي ڇاپو هڻي شاهه رخ جي پٽ سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔