سپريم ڪورٽ جو ھڪ ھفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڌماڪي سان ڪيرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ھڪ ھفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراھي ۾ نسلا ٽاور بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ عدالت ھڪ ھفتي ۾ نصلا ٽاور ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آھي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽائور بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪمشنر ڪراچي پيش ٿيو، عدالت جو چوڻ ھو تھ ڪمشنر ڪراچي هڪ هفتي اندر نصلا ٽائور جي عمارت ڪنٽرولڊ ايمونيشن بلاسٽ سان ڪيرائي

عدالت چيو تھ بلاسٽ سان ويجهي عمارت يا ماڻهن کي ڪو نقصان نه ٿيڻ گهرجي، نسلا ٽاور جو مالڪ متاثرن کي رقم واپس ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔