بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر قدوس بزنجو به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا: وڏي وزير ڄام ڪمال جي استعيفا ڏيڻ کانپوءِ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالقدوس بزنجو کي نئون وڏو وزير بڻائڻ جا امڪان آهن، جنهن ڪري هن اسپيڪر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي. اڄ اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي پر ان کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڄام ڪمال وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

وڏي وزير جي استعيفيٰ سان بلوچستان ڪابينا به برطرف ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين وڏي وزير جي چونڊ ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ جلد صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويندو، نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ شيڊول جو سڀاڻي تائين اعلان ٿيڻ جا امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔