ڀارتي مداحن پاران شعيب ملڪ لاءِ “جيجا جي” جا نعرا، ثانيا مرزا وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

دوبئي: ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي مهادنگل ۾ پاڪ ڀارت ميچ دوران ڀارتي مداحن پاران شعيب ملڪ کي ڏسڻ شرط “جيجا جي” جا نعرا هنيا ويا، شعيب ملڪ جي ڀارتي وني ثانيا مرزا اها وڊيو پنهنجي ٽويٽ اڪائونٽ تي شيئر ڪري ڇڏي آهي

شعيب ملڪ ڀارت خلاف ميچ دوران بائونڊري جي ويجهو فيلڊنگ ڪري رهيو هو ته ڀارتي مداحن کيس ڏسي “جيجا جي” جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. ثانيا مرزا پنهنجي مڙس لاءِ اهڙن نعرن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سندس پاران شيئر ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ ڪرڪيٽ توڙي ثانيا مرزا جي مداحن پاران ان کي وڏي پيماني تي پسند ڪيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔