سوڊان جي فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ۽ ٻيا گرفتار

خرطوم: آفريقي ملڪ سوڊان ۾ فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم ۽ ٻين حڪومتي وزيرن کي گرفتار ڪرڻ جون رپورٽس به سامهون اچي رهيون آهن

سوڊاني فوج جي سربراهه جنرل عبدالفتاح برهان حڪومت جو تختو اونڌو ڪندي ملڪ اندر اڻڄاتل مدي تائين ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سولين حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ جي اطلاع بعد هزارين ماڻهو راڄڌاني واري شهر خرطوم جي رستن تي نڪري آيا آهن.

آمريڪي ۽ برطانوي ميڊيا جي رپورٽس موجب خرطوم جي مختلف علائقن ۾ فوج پاران فائرنگ ڪرڻ جا اطلاع به مليا آهن. شهر جي اهم شاهراهن ۽ تنصيبن توڙي عمارتن آڏو فوجي جٿا مقرر ڪيا ويا آهن. فوج پاران وزيراعظم عبدالله حمدوڪ ۽ سندس چئن وزيرن کي حراست ۾ وٺڻ جا اطلاع به سامهون آيا آهن. سوشل ميڊيا تي وزيراعظم حمدوڪ جي اها اپيل به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجو تختو اونڌو ٿيڻ خلاف عوام کي پرامن مظاهرا ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب ڪيترائي مڇرل ماڻهو ريلي جي صورت ۾ احتجاج لاءِ آرمي هيڊڪوارٽرز ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ فوج پاران مٿن سڌي فائرنگ ڪرڻ جا اطلاع به ملي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔